هڪ ئي رات ۾ ڦر ۽ چوري جون وارداتون، پوليس خاموش

گهارو نمائيندو(بشام جوکيو) گهارو شهر ۾ هڪ ئي رات ٻن دڪانن مان ڦر ۽ چوري جون وارداتون گهارو شهر ڦورن ۽ چورن حوالي شهري ۽ واپاري غير محفوظ پوليس لاتعلق بنيل آهي. گذريل رات 9 بجي شهباز ڪميونيڪيشن تان نامعلوم ڦورو هٿيارن جي زور تي 50 هزار روڪ ۽ هڪ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته رات دير سان گهارو جي سينئر صحافي خليل کٽي جي ايجنسي جو نامعلوم چور تالو ٽوڙي 50 هزار روڪ رقم ۽ 50 هزار کان وڌيڪ رقم جو سامان چوري ڪري ويا اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاءِ واردات جو معائنو ڪيو جڏهن ته گهارو شهر ۾ ڦرون ۽ چوريون ٿيڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي جنهن ڪري واپاري ۽ شهري پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳا آهن گهارو ۾ ڦرن ۽ چورن جي ڊپ کان شهرين ۽ واپارين ۾ خوف و حراس پکڙيل آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو