هٿ ٺوڪيا اگهه وٺندڙن خلاف ڪارروائي تيز ڪئي وڃي؛ ڊي سي

شڪارپور (عبدالخالق سومرو) ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ڊسٽرڪٽ پرائيس ڪنٽرول جي گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر رحيم بخش ميتلو جي صدارت ۾ ٿي گذري. گڏجاڻيءَ ۾ چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن مارڪيٽ ڪميٽيءَ جي آفيسرن، ڊي ايف او شڪارپور، ميونسپل عملدارن، ٽائون آفيسرن، چيمبر آف ڪامرس جي نمائندن، ڪريانه مرچنٽ جي سيڪريٽري، آبادگار بورڊ جي سيڪريٽري، صدر مرغي فروش، گوشت جي تنظيمن جي صدرن ۽ فلور مل ايسوسيئيشن جي صدر گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪئي. گڏجاڻيءَ کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر رحيم بخش ميتلو چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ٿي آهي پر ايتري به مهانگائي نه ٿي آهي جيترا مارڪيٽ ۾ شين جا اگهه ورتا پيا وڃن. هن ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽيءَ جي پرائيس ڪنٽرول ۽ ميئرمينٽ جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو پڻ گوشت، سبزي مارڪيٽن ۽ ڪريانه جي دڪانن جا دورا ڪن قيمتون ۽ معيار چيڪ ڪن. هن چيو ته ڪافي شين جا اگهه هٿرادو طور وڌايا ويا آهن، خاص طور تي گوشت فروش غير معياري گوشت فراهم ڪري رهيا آهن ۽ قيمتون به پنهنجي مرضيءَ مطابق وصول ڪن پيا. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور گڏجاڻيءَ ۾ کير جي واپارين جي عدم موجودگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي قيمتون نه وڌائڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ کير جي معيار کي چڪاسڻ جو سختيءَ سان حڪم ڏنو. ان موقعي تي عام واهپي ۽ کاڌي پيتي جي شين جا اگهه هن ريت مقرر ڪيا ويا. دال مسور 107، دال مسور 2 نمبر 75، دال مڱ 200 روپيه، دال ماش 197 روپيه، دال چڻا 126 روپيه، بيسڻ چڻا 128 روپيه، بيسڻ مٽر 70 روپيه، باسمتي ڪرنل چانور هڪ نمبر 130 روپيه، باسمتي ڪرنل ٻه نمبر 115 روپيه، باسمتي ڪرنل من 65 روپيه، روسي ڇهاسي 75 روپيه، ايري ڇهون نمبر 50 روپيه، چڪيءَ جو اٽو 50 روپيه، مل جو اٽو 49 روپيه، ميدو 54 روپيه، ڳڙ ۽ مستي 95 روپيه، مرچ ڳاڙها پيٺل 350 روپيه، مينهن جو گوشت 280 روپيه، ڳائو گابي جو گوشت 370 روپيه، ٻاڪرو گوشت 770 روپيه، 2 ڪلو کان وڌيڪ وزن واري مڇي 330 روپيه، هڪ ڪلو واري مڇي 300 روپيه، واڙي جو کير 90 روپيه، ڏهي 100 روپيه، چڻو وڏو 145 روپيه ۽ چڻو ننڍو 120 روپيه في ڪلو مقرر ڪيا ويا آهن. جڏهن ته بيضن، مرغي ۽ کليل گيهه جو اگهه مارڪيٽ بنياد تي رکيو ويو آهي. سبزين بابت واڪ تي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مارڪيٽ ڪميٽي جي عملدارن کي هجڻ جي تاڪيد ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو