هٿياربند گهر اندر ننڊ سُتل پيرسن کي قتل ڪري فرار ٿي ويا

بخشاپور( سھيل جان ڊومڪي ) ڳوٺ پارو بنگوار ۾ نامعلوم ھٿياربندن پسٽل جا فائر ڪري 55 ورھين جي پيرسن اسد الله بنگوار کي قتل ڪري  آساني سان فرار ٿي ويا ڳوٺاڻن جي اطلاع  تي بخشاپور پوليس فوري طور واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول پيرسن جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال آندو جيڪو بعد ۾ وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول پيرسن جي پٽ محبوب بنگوار ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ڪونه آهي منھنجو پيءَ پنهنجي گھر جي ورانڊي ۾ آرام ڪري رھيو ھيو ته اسين فائرنگ جو آواز ٻڌي ڊوڙياسين ته جوابدار فرار ٿي چڪا ھئا جنهن بعد اسين پوليس کي اطلاع ڏنو. ھن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ کي اپيل ٿا ڪيون ته قتل ۾ ملوث ھٿ وائکا ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. جڏهن ته مقتول پيرسن جي پٽ محبوب بنگوار جي فرياد تي بخشاپور ٿاڻي تي ٽن نامعلوم جوابدارن مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي قتل ڪيس جي جاچ ڪري رھيا آھيون ۽ قتل ۾ ملوث جوابدار ڪيترائي بااثر ڇو نه ھجن کين جلد گرفتار ڪري قانون جي پڪڙ ۾ آندو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو