هٿياربندن جي گهر تي فائرنگ، نينگري سميت ناري فوت

قاضي احمد (جاويد جتوئي) پٻجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي نواز چانڊيو ۾ نامعلوم ھٿياربندن لائق چانڊيو جي گهر اندر داخل ٿي  فائرنگ ڪري 16 ورهين جي صائمه  چانڊيو کي موقعي تي ئي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته  فائرنگ ۾ 8 ورھين جي معصوم ٻارڙي  مائرهه چانڊيو پڻ سخت زخمي ٿي پئي جنھن کي قاضي احمد اسپتال آندو ويو  جتي نينگر جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ ڪري کيس نواب شاھ اسپتال نيو ويو جتي هو فوت ٿي وئي. جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ پراڻي دشمني ٻڌائي پئي وڃي. ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي پٻجو  پوليس ٿاڻي جي ايس ايڇ او موجب  ڳوٺ  علي نواز چانڊيو ۾ واقعو پيش آيو آھي وڌيڪ جانچ ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو