هٿياربندن جي ڪاهه، گهر کي باھ ،سڀ ڪجهه رک ٿي ويو

ڳڙھي ياسين (ن س) نبي شاه ٿاڻي جي حد ڳوٺ احمد خان ٿهيم ۾  بروهي برادري  جي ھٿياربندن  ڳوٺ تي ڪاهه ڪري  گهر کي باھ ڏئي ڇڏي، گهر ۾ پيل قيمتي سامان اناج ڪپڙا سونا زيور سڙي رک ٿي ويا، گهر ڌڻي فياض ٿهيم صحافين کي ٻڌايو ته دوست محمد بروهي اصغر بروهي اللہ ڏنو بروهي ساٿين سان گڏجي گهر تي حملو ڪري گهر کي باھ ڏني آهي. هن ٻڌايو ته دوست محمد بروهي کي زرعي زمين وڪرو ڪري ڏني جنهن ڏانهن زمين جا پئسا رهيل آهن، هن ڏاڍ ڪري زمين جي کاتي جي گهر ڪئي انڪار ڪرڻ تي هٿياربندن سان گڏجي گهر تي حملو ڪري گهر کي باھ ڏئي ڇڏي جنهن ۾ گهر ۽ سامان سڙي خاڪ ٿي ويا هنن ڊي آء جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ ايس ايس پي شڪارپور ساجد امير سدوزئي ۽ اختيارن کان نوٽيس وٺي انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هوڏانهن واقعي جو اطلاع ملڻ تي نبي شاھ ٿاڻي جي ايس ايڇ او فطرت حسين شيخ واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل وٺي متاثر ڌر کي ڪيس  داخل ڪرڻ ۽ جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو