هٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿيل نوجوان فوت

وڳڻ (غلام مصطفيٰ بروهي) وڳڻ لڳ ڳوٺ ٿرڙي ھاشم ۾ هفتو اڳ نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل 25 سالا نوجوان سجاد حسين عرف راجا مغيري ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. نوجوان جي فوتگي جو ٻڌي ڪري سوين علائقي واسي تڏي تي پهچي ويا. نوجوان جي جنازي نماز ۾ مختلف سياسي سماجي، مذهبي توڙي صحافين پڻ شرڪت ڪئي. ياد رهي ته هفتو اڳ نوجوان جو نڪاح ٿي گذريو ۽ ٻئي ڏينهن تي نوجوان سجاد مغيري جي شادي  جون تياريون هلن پيون ته هٿياربندن حملو ڪري کين زخمي ڪيو هو. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او وڳڻ ذوالفقار جتوئي ٻڌايو ته اسين واقعي جي جانچ ڪري رهيا آهيون ۽ اسين متاثر گهراڻي جي هر قانوني مدد ڪرڻ تيار آهيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو