هيلٿ سينٽر عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل، مريض دربدر

ٻانڌي (رمضان  مري) يوسي آمرجي جي ديھ 6 نصرت ۾ قائم ٿيل هيلٿ سينٽر گذريل ڪيترن سالن کان بند، ڊاڪٽر ۽ عملو غائب، سينٽر کي تالا لڳڻ ڪري علائقي واسي   پري پري جي اسپتالن ڏانهن وڃڻ تي مجبور آهن جنهن ڪري غريب ماڻهون سخت پريشاني جو شڪار ٿيڻ لڳا آهن. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته اسپتال ۾ مقرر ڊاڪٽرن ۽ ڊسپينسرن جا پنهنجا ميڊيڪل اسٽور ۽ ڪلينڪون قائم آهن ۽ اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هجڻ سبب مريضن کي ڪوبه لاڀ نه ملي سگهيو آهي. علائقي واسين ڊي او نواب شاھ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان اپيل ڪئي آھي ته خدارا هن بند پيل هيلٿ سينٽر کي کوليو وڃي ته جيئن هتان جي عوام کي اسپتال مان فائدو ملي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو