هوٽل تان کاڌو فراهم ڪرڻ جي اجازت، عيد گهر ۾ ملهايو، شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي عوام تي زور ڀريو آهي ته عيدالفطر جي موقعي تي پنهنجي مائٽن سان ملڻ نه وڃن ڇاڪاڻ ته گذريل عيد جي دوران ڪيسن جو تعداد 30 سيڪڙو تائين وڌي ويو هو. هن وقت صورتحال وڌيڪ خطرناڪ آھي. وڏي وزير چيو ته آئون سڀني کي صلاح ڏيندس ته گهرن ۾ رهن ۽ پنهنجي ڪٽنب واسين سان گڏ عيد ملھائين اهو ئي وائرس تي ضابطو آڻڻ جو واحد طريقو آهي ۽ ٻين کي بچائي سگهجي ٿو. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪورونا وائرس بابت صوبائي ٽاسڪ فورس اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ، سيد ناصر شاهه ، ڄام اڪرام ڌاريجو ، قانون وارو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ، پارلياماني سيڪريٽري قاسم سراج سومرو ، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه ، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ، اي سي ايس گهرو کاتو عثمان چاچڙ ، ڪمشنر ڪراچي نويد شيخ ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي عمران منهاس ، فنانس سيڪريٽري حسن نقوي ، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن احمد بخش ناريجو ، صحت وارو سيڪريٽري ڪاظم جتوئي ، ڊاڪٽر باري ، ڊاڪٽر فيصل ، ڊاڪٽر سجاد قيصر ، وي سي ڊائو ڊاڪٽر سعيد قريشي ۽ ڪور ڪمانڊر، رينجرز ۽ ڊبليو ايڇ او جي نمائندن شرڪت ڪئي. وڏي وزير جي ميڊيا ڪنسلٽنٽ عبدالرشيد چنا موجب اجلاس جي شروعات ۾ ڪورونا ڪيسن جي ڀيٽ گذريل عيدالفطر جي موڪلن سان ڪئي وئي جنهن ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 30 سيڪڙو تائين وڌي وئي ھئي.  آخري عيدالفطر 24 مئي 2020 تي ملهائي وئي ۽ ان ڏينهن 846 يعني 15 سيڪڙو مثبت ڪيس رپورٽ ٿيا. گذريل عيد کانپوءِ مثبت ڪيسن جي شرح وڌي وئي ۽ 18 ڏينهن اندر 3038 ڪيسن رپورٽ ٿيا جيڪو شرح جو 30 سيڪڙو هو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪيسن ۾ غير معمولي واڌ جو سبب ايس او پيز جي ڀڃڪڙي آهي تنھنڪري وڏي وزير صوبي جي عوام کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي گهرڀاتين سان گڏ عيد ملهائي ۽ مائٽن سان ملڻ کان پاسو ڪن جيڪو سڀني لاءِ حفاظت جو واحد رستو آهي. صحت واري سيڪريٽري ڪاظم جتوئي 24 مئي 2020 تائين گذريل رمضان جي ڊيٽا شيئر ڪندي چيو ته رمضان جي پهرين هفتي ۾ 12.57 سيڪڙو نوان ڪيس ۽ 44 ڄڻا فوت ٿيا. ٻئي هفتي ۾ 50 فوتگين سان تشخيصي شرح 14.34 سيڪڙو تائين وڌي وئي. ٽئين هفتي ۾ اها 79 فوتگين سان 15.49 سيڪڙو شرح هئي ۽ چوٿين هفتي ۾ 77 نون ڪيسن سان 16.99 سيڪڙو شرح رهي. ٻين لفظن ۾ 105433 ٽيسٽن جي نتيجي مان 15554 ڪيس رپورٽ ٿيا جيڪي مجموعي طور تي 15.04 سيڪڙو آھن ۽ 250 مريض پنهنجيون حياتيون وڃائي ويٺا. اپريل کان 9 مئي 2021 تائين رمضان جي مهيني جي شرح جو تجزيو پيش ڪندي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رمضان جي پهرين هفتي ۾ 4.71 سيڪڙو نون ڪيسن سان 23 فوتگيون رپورٽ ٿيون. ٻئي هفتي 6.31 سيڪڙو سان 63 فوت، ٽئين هفتي 6.96 سيڪڙو ۽ 62 فوت جڏهن ته چوٿين هفتي 7.08 سيڪڙو ۽ 64 ڄڻا فوت ٿيا. رمضان ۾ ٽوٽل 370096 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 23551 ڪيس ظاھر ٿيا ۽ 192 فوتين سان 6.36 سيڪڙو  شرح رھي.

ضلعي وار ڪيس:

صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو هفتيوار ضلعي سطح جي مثبت ڪيسن جي انگن اکرن بابت اجلاس کي ٻڌايو ته 23 سيڪڙو اوڀر ڪراچي، 15 سيڪڙو ڏکڻ ڪراچي،  سينٽرل ڪراچي ۽ حيدرآباد11-11 سيڪڙو، دادو 9 سيڪڙو ، سکر ، لاڙڪاڻو ، گهوٽڪي ، ملير ڪراچي ۽ اولھ ڪراچي ۾ 6-6 سيڪڙو ، ڪورنگي 5 سيڪڙو ، ميرپورخاص 4 سيڪڙو ، ٺٽو ، ڪشمور ، بدين ۽ خيرپور 3-3 سيڪڙو آهن.

ويڪسينسيشن سينٽر:

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عيد جي موڪلن دوران ويڪسينشن سينٽر معمول موجب ڪم ڪندا. وڏي وزير عوام تي زور ڀريو ته جيترو ممڪن ٿي سگھي وڌ کان وڌ ويڪسين ڪرائي وڃي.

ويڪسين:

صوبائي حڪومت کي سائينوفارم 862000، ڪسينو 11000 ، سينوواڪ 80000 ۽ 107500 آسٽرا زينيڪا ڊوزز مليون آهن. سڀئي وصول ٿيل ڊوزز ويڪسينيشن سينٽرن کي فراهم ڪيون ويون آهن.

ٽيڪ اوي:

وڏي وزير اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان صلاح مشوري کانپوءِ ريسٽورنٽن کي ٽيڪ اوي جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو پر ايس او پيز سان گڏ. ريسٽوران تي ڪوبه ماڻهو کاڌو کڻڻ لاءِ گاڏي کان ٻاهر نه ايندو جڏهن ته ريسٽورنٽ اسٽاف پاران کاڌو فراهم ڪيو ويندو. ۽ ڪوبه ريسٽورنٽ اندر کاڌو کائڻ يا ريسٽورنٽ ۾ ويهڻ لاءِ ڪرسيون نه لڳائيندو ، ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي صورت ۾  ريسٽورنٽ کي سيل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو