هوائن جو رخ بدلجي پيو مالم جبه ۽ بي آر ٽي ريفرنس تيار آهن، نيب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته هوائن جو رخ بدلجي پيو چند هفتن ۾ اوهان ڏسندا ته ڇا ٿو ٿئي. اسانجي ڪنهن سان دشمني ناهي حڪومت ۾ هجي يا اپوزيشن ۾ اسين قانون موجب ڪم ڪري رهيا آهيون پر اهو ته فرق ڪرڻو پوندو نه ته هڪڙا 30 سالن کان حڪومت ۾ رهيا هڪڙا ٻارنهن چوڏهن مهينن کان آهن، مالم جبه ۽ بي آر ٽي بابت به ريفرنس تيار آهن وقت اچڻ تي داخل ڪيا ويندا. بي آر ٽي ۾ اسٽي سبب ڪاروائي نه پيا ڪريون. اهڙو اظهار هن ڪرپشن جي روڪٿام جي عالمي ڏينهن جي نسبت سان منعقد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته 382 ارب روپيا نيب ٺهڻ کان وٺي هن مهل تائين وصول ڪري قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا آهن. هن وقت 1261 ريفرنس 943 ارب روپين جي رڪوري لاءِ عدالتن ۾ زير التويٰ آهن. ملڪ ۾ صرف 25 عدالتون آهن چيف جسٽس چيو آهي ته وڌيڪ جج مقرر ڪيا ويندا ۽ اميد ته جلد جج مقرر ٿيندا. 39 ارب جيڪي لنڊن مان واپس (ملڪ رياض کان) آيا ان جو ڪريڊٽ به نيب کي وڃي ٿو. هن چيو ته رياست مدينه جو حڪمرانن کي عملي نمونو پيش ڪرڻو پوندو. هن قوم کي مخاطب ٿيندي چيو ته خود احتسابي اختيار ڪريو ته اوهان کي نيب جهڙن ادارن جي ضرورت ئي نه پوندي. هن آصف علي زرادري ۽ ميان نواز شريف نو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته اسين بنا فرق جي ڪاوائي ڪريون پيا پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وڏا وڏا ڇڪا هڻڻ وارا جيلن م آهن. هن سنڌ جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته جڏهن ڪروڙين روپيا فنڊ جاري ٿيڻ بعد به ڪُتي جي چڪ جي ويڪسين نه ملي ته ڇا ان خلاف ڪاروائي ڪرڻ هڪ مخصوص صوبي خلاف ڪاروائي آهي؟. هن چيو ته شتاق رئيساڻي ۽ قائمخاني وٽان ايترا پئسا برآمد ٿيا جو اسٽيٽ بئنڪ جون مشينون نوٽ ڳڻيندي خراب ٿي ويون. ڇا اهڙن ماڻهن خلاف ڪاروائي نه ٿيڻ گهرجي. هنن جا باٿ روم ڏسو ته مغل بادشاهن جهڙا ٺهيل آهن. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته نيب ڪجهه نهاي ڪيو، اوهان ڏسو ته حڪومت هجي يا اپوزيشن سڀ ان ڳالهه تي متفق آهن ته نيب کي ختم ڪريو، اها نيب جي ڪارڪردگي آهي ته ان معاملي ۾ سڀ گڏ آهن. تقريب کي صدر عارف علوي ۽ اسپيڪر قومي اسمبلي اسد قيصر به خطاب ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو