حيدر آباد(ويب ڊيسڪ) سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري اسماعيل خاصخيلي، مرڪزي اڳواڻ بلاول لاشاري ۽ انور رند پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته هيل سال پڻ سنڌ جي زراعت کي تباھ ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، هڪ طرف سنڌ کي پاڻي جو حصو نه ملڻ سبب رائس ڪئنال، جهيمل شاخ سميت سنڌ جي ڪيترن ئي واهن جا آبادگار پاڻي جي کوٽ سبب فصل جي پوکائي نه ڪري سگهيا آهن ته هوڏانهن پنجاب جي ڌاڙيل واهن ذريعي پاڻي کنيو پيو وڃي ۽ ڊئم ڀرايا پيا وڃن جيتوڻيڪ موسمياتي ماهرن طرفان مونسون جي تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ۽ انهن ڏينهن دوران وري ڊئم فل هجڻ جو بهانو ڪري سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙايو ويندو.گذريل سال ٻوڏ سبب ڪيترائي هاري ۽ کيت مزدور متاثر ٿيا جن کي اڃا تائين ڪو معاوضو ناهي ڏنو ويو. اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته پنجاب جا ڌاڙيل واه ۽ ڪئنال بند ڪري سنڌ کي ان جي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ برساتن سبب متاثر ٿيل کيت مزدورن جي سروي ڪري کين معاوضو ڏنو وڃي .
