هندو پريمي جوڙو اسلام قبول ڪرڻ بعد شادي ڪري ڇڏي

ميرپورخاص (سيد بشير شاھ) پريمي جوڙي مذھب مٽائي اسلام قبول ڪري پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو. مسمات لالي ڌي ڀلو ذات باگڙي ۽ چيتن ڀيل اسلام قبول ڪري ڇوڪِري جو اسلامي نالو ليلا ۽ ڇوڪري جو اسلامي نالو دين محمد رکيو ويو. جوڙي ميرپورخاص جي سيشن ڪورٽ ۾ شريعت محمدي مطابق گواھن جي موجودگي ۾ نڪاح ڪري ڇڏيو جنهن بعد ٻنهي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پنھجي رضا خوشي سان ھندو مذھب ڇڏي گلزار خليل ۾ پير ايوب جان سرهندي جي موجودگي ۾ اسلام قبول ڪيو آهي انھن ٻڌايو ته اسان کي ڪنهن به ورغلايو ناھي اسان ٻئي هڪ ٻئي کي پسند ڪندا ھئاسين ۽ اسان اسلام قبول ڪري شادي جو فيصلو ڪيو ھو ان ڪري اسان جا مائٽ اسان جا مخالف ٿي پيا آھن. ڇوڪري ٻڌايو ته منھنجي مائٽن منهنجي  مڙس خلاف ڪوڙو اغوا جو ڪيس حيدرآباد جي ڦليلي ٿاڻي جي حد ۾ داخل ڪيو آھي جنھن کي ختم ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو