ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) هلندڙ مالي سال جي ابتدائي 8 ميهنن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 71 سيڪڙو گهٽ ٿي 2 ارب 84 ڪروڙ ڊالر رهجي ويو آهي. جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدت ۾ 7 ارب 81 ڪروڙ ڊالر هو. هلندڙ سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جو 1.5 سيڪڙو آهي جيڪو پوئين سال 5 سيڪڙو هو. ملڪي درآمدات ۾ 26.06 سيڪڙو گهٽتائي رهي ۽ برآمدات ۾ رڳو 3.62 سيڪڙو واڌ ٿي آهي يعني برآمدات 15 ارب 64 ڪروڙ ڊالر آهي. پاڪ چين راهداري جي پهرين مرحلي جي مڪمل ٿيڻ بعد چين کان مشينري وغيره جي امپورٽ ۾ به گهٽتائي ڏٺي پئي وڃي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ڪجهه ڏينهن اڳ وياج جي شرح ۾ 0.75 سيڪڙو گهٽتائي ڪندي چيو هو ته ان سان ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌيڪ گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اسٽيٽ بئنڪ بئنڪن مان ڊجيٽل ٽرانزيڪشن تي چارجز ختم ڪري ڇڏيا آهن جيئن ماڻهو بئنڪن ۾ نه اچن ۽ ڊجيٽل ڏيتي ليتي ڪن.










