هزارين رپيا وٺڻ باوجود شادي نه ٿي، نوجوان پير خلاف ٿاڻي پهچي ويو

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) پير کان 23 هزار رپين جا تعويز وٺڻ باوجود شادي نه ٿيڻ تي نوجوان شڪايت کڻي ٿاڻي پهچي ويو. نوجوان موجب پير 23 هزار وٺي شادي جو تعويز ڏنو ۽ 8 ڏينهن ۾ شادي ٿيڻ جي خاطري ڪرائي پر 4 مهينا گذرڻ باوجود شادي ناهي ٿي ۽ هاڻ پير پئسا به واپس نه پيو ڪري. متاثر نوجوان جي شڪايت تي اقبال آباد ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪندي مولوي کان 23 هزار رپيا برآمد ڪري نوجوان حوالي ڪري ڇڏيا، متاثر نوجوان رقم واپس ڏيارڻ تي پوليس جا ٿورا مڃيا.

پهنجو تبصرو موڪليو