سانگهڙ (ن س )سانگهڙ ويجهو سرهاڙي ۾ هزاره ايڪسپريس حادثي سبب بند ٿيل ڊائون ٽريڪ 18 ڪلاڪن کانپوءِ بحال ڪيو ويو.هزارا ايڪسپريس ٽرين جون 10 بوگيون 13 ڪلاڪن کانپوءِ ٽريڪ تان هٽايون ويون.ڊائون ٽريڪ بحال ٿيڻ بعد ٽرينون مختلف اسٽيشنن تي روڪي ڪراچي ڏانهن روانيون ٿيون. اپ ٽريڪ اڃا تائين بحالي جي ڪم لاءِ بند آهي.ريلوي اختيارين موجب، پنڊي کان ڪراچي ويندڙ گرين لائين رواني ڪئي وئي آهي، هزاره ايڪسپريس حادثي کانپوءِ گرين لائين ايڪسپريس کي نوابشاهه اسٽيشن تي روڪيو ويو.ان کان علاوه حويليان کان ڪراچي ويندڙ هزاره ايڪسپريس به رواني ڪئي وئي آهي.
