هر سال 12 هزار ماڻهو روڊ حادثن جو شڪار ٿين ٿا؛ موٽروي پوليس

وارھ (طالب حسين چانڊيو) موٽروي پوليس طرفان روڊ حادثن کي روڪڻ لاءِ روڊ سيفٽي آگاھي پروگرام رکيو ويو جنهن ۾ ٽرانسپورٽ صدر لالا عبدالغفار سميت وارھ جي ڊرائيورن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. موٽروي پوليس انسپيڪٽر راشد حسين سوڍر وارھ ٽرانسپورٽ يونين جي ڊرائيورن کي نيشنل ھاءِ وي تي ٿيندڙ روڊ حادثن کي روڪڻ لاءِ سکيا ڏني. ان موقعي تي انسپيڪٽر راشد حسين صحافين سان ڳالهائيندي ڇيو ته بي ڌياڻي ۽ موٽروي جي قانون تي عمل نه ڪرڻ سبب روڊ حادثا ٿين ٿا ۽ اڪثر اسان وٽ حادثا ڊرائيور جي غفلت سبب ۽ جعلي لائيسنس رکندڙ ڊرائيورن سبب ٿي رهيا آھن جن کي روڪڻ لاءِ هي پروگرام ڪيو آھي اسان لاءِ ڪنهن انسان جي جان بچائڻ سڀ کان افضل آھي. هن وڌيڪ چيو ته ھرسال دنيا ۾ ٻارنھن لکن کان به وڌيڪ ماڻھو روڊ حادثن سبب موت جو شڪار ٿين ٿا,جڏھن ته پاڪستان ۾ ھرسال ٻارنھن ھزارماڻھو روڊ حادثن ۾ حياتي وڃائي ويھن ٿا اها اسان لاءِ تمام وڏي ڏک جي خبر آھي جنهن کي روڪڻ لاءِ اسان هي پروگرام ڪري رهيا آھيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو