هرگن داس اوٻاوڙو جي ميگهواڙ برادري جو مکي چونڊجي ويو

ڏهرڪي (وجي ڪمار) اوٻاوڙو تعلقي جي ھندو مينگهواڙ برادري ۾ مُکي جي عھدي لاءِ چونڊون ٿيون ۽ مکي لاءِ هرگن داس مکي چونڊجي ويو. چونڊ ۾ ٻن اميدوارن ۾ مقابلو ٿيو جنهن ۾ ٻه پولنگ اسٽيشن قائم ڪيون ويون، ھڪ پولنگ ريتي شهر ۾ ۽ ٻئي پولنگ اسٽيشن اوٻاوڙو ۾ قائم ڪئي وئي. صبح جو 9 بجي کان شام 6 بجي تائين پولنگ جاري رھي، ڳڻپ بعد اليڪشن ڪميشن نتيجي جو اعلان ڪيو جنهن موجب ھرگن داس ساڍا ٽي سئو ووٽ کڻي پنجن سالن لاءِ مکي چونڊجي ويو. جڏهن ته ڪيول داس اڍائي سئو ووٽ کڻي ھارائي ويو، مُکي ھرگن داس جي حمايتين ۾ خوشي سڄي شهر ۾ ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي مُکي ھرگن داس پنهنجي برادري جا ٿورا مڃيندي چيو ته ڀڳوان جي ڪرپا ۽ اوهان جي محبتن جي ڪري مونکي ڪاميابي ملي آهي. مان اوهان جو ٿورائتو آهيان جو توهان مون تي ويساھ ڪيو مان به ڪوشش ڪندس ته توهان جي ويساه تي پورو لھان، مان برادري جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪندس اوهان کي وينتي ڪندس ته پنهنجي اولاد کي وڌ کان وڌ تعليم ڏياريو پٽن۽ نياڻين کي پنهنجو پيٽ ڪاٽي به علم جي زيور سان نوازيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو