هاڪي هيرو جي مجسمي جي توهين ڪندڙ جوابدار سوگهو

بهاولپور (ويب ديسڪ) هاڪي اولمپيئن سميع الله جي مجسمي سان شرمناڪ حرڪت ڪندڙ ، هاڪي ۽ بال چورائيندڙ جوابدار  نعمان کي پنجاب پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.

Screen shot

گذريل ڏينهن بهاولپور جي اسپتال چوڪ تي لڳل قومي هيرو سميع الله جي مجسمي مان هاڪي ۽ بال به چوري ڪيو ويو هو. ان سان گڏ ئي مجسمي سان جنسي فعل ڪرڻ جي تصوير وائرل ٿي هئي. جنهن ۾ سندس چهرو ظاهر نه هو.

Photo Twitter

جنهن تي صارفين سخت رد عمل ظاهر ڪيو هو. بهاولپور پوليس جوابدار نعمان کي سي سي ٽي وي ڪئميرا جي مدد سان پڪڙي ورتو ۽ ملزم  ڏوهه جو اعتراف ڪندي معافي ورتي آهي. سندس چوڻ هو ته هن شغل ۾ ايئن ڪيو ۽ بيعزتي ڪرڻ مقصد نه هو.

پهنجو تبصرو موڪليو