هارين جي استحصال ۽ مهانگائيءَ خلاف هاري ڪانفرنس منعقد

لعلورائنڪ (عبدالحق تنيو) عوامي ورڪرز پارٽي پاران لعلورائنڪ ۾ ڪامريڊ فانوس گجر ۽ ڪامريڊ سرتاج تنيو جي ورسي جي مناسبت سان هارين جي استحصال، ماحول جي تباهي ۽ مهانگائي خلاف هاري ڪانفرنس جو انعقاد ٿي گذريو.ڪانفرنس ۾لعلورائنڪ، جکر، فيض محمد سوڍر، حاڪم شاھ، غيبياڻي، وارھ، باڊه، لاڙڪاڻو، ڀنڀو خان چانڊيو ۽ ٻين ڳوٺن ۽ علائقن کان هارين، مزدورن ۽ پارٽي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي هاري سيڪريٽري ڪامريڊ حسن عسڪري چيو ته سرمائيدار ۽ جاگيردار حڪمرانن هر شيءِ تي قبضو ڪري ورتو آهي پاڪستان کان انگريزن ۽ بعد ۾ ايوب، يحيي ۽ باقي سڀ حڪومتن جي دورن ۾ سنڌ ۾ فوجن ۽ سول آفيسر شاهي کي جاگيرون انعام جي شڪل ۾ ڏنيون ويون وقت اچي ويو آهي ته هاري زمين جو حق ماڻڻ لاءِ اٿي کڙو ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته زرعي سڌارن کان سواءِ ملڪ ۾ حقيقي تبديلي ماڻڻ جو خواب اڌرو رهندو. زرعي ٻڄ، ڀاڻ ۽ دوائن سميت زرعي مشينري کي سستو بڻائي، هاري مٿان هر، ٻج، ڀاڻ ۽ ٻين خرچن کي ختم ڪيو وڃي. سرڪار وٽ ڳوٺ آباد اسڪيم موجود آهي جنهن تحت ڳوٺن ۾ هارين کي پلاٽ ڏيئي انهن جي اجهن جو بندوبست ڪيو وڃي. عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي نائب صدر ڪامريڊ اثر امام چيو ته پاڪ ڪتابن ۾ به هن زمين کي خدا جي زمين ڪري چيو ويو آهي جنهن جو مطلب اهو آهي ته جيڪو زمين کيڙي زمين ان جي آهي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هڪ عظيم جدوجهد جي ذريعي سنڌ جي هارين کي منظم ۽ متحرڪ ڪيو پر سنڌ ٽيننسي ايڪٽ ۾ ترميمن سان هاري کي مليل ٿورا گهڻا حق به ضبط ٿي ويا آهن.

سنڌ جو هاري فاڪاڪشين جو شڪار آهي ۽ بدترين استحصال جو شڪار آهي عوامي ورڪرز پارٽي چاهي ٿي ته هاري پنهنجي مسئلن جي جدوجهد جي اڳواڻي پاڻ ڪري. ڪامريڊ روشن ڪلهوڙو چيو ته ملڪ  ورلڊ بئنڪ، آئي ايم ايف ۽ آمريڪي سامراج جي پاليسين سبب معاشي بحران جو شڪار آهي. هاري ڪانفرنس 2019 ع ۾  زرعي سڌارا ڪري زمين جي حد ملڪيت 25 ايڪڙ نهري ۽ 50 ايڪڙ باراني مقرر ڪئي وڃي، سم ۽ ڪلر کي ختم ڪرائڻ لاءِ جديد سائنسي طريقا اپاءَ اختيار ڪرڻ، زرعي، ٻج ، ڀاڻ ، ۽ دوائن تي 55 سيڪڙو رعايت ڏيڻ، وڌندڙ بيروزگاري کي روڪرائڻ لاءِ صنعتون قائم ڪرڻ، پاڻي جي هٿراڌو کوٽ ختم ڪري پڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ، هارين جي رجسٽريشن ڪري کين اي او بي آئي ڪارڊ جاري ڪرڻ، جنرلن ۽ جاگيردارن کان زمينون واپس وٺي هارين ۾ ورهائڻ جون قراردادون اڪثريت راءِ سان منظور ڪيون ويون. هاري ڪانفرنس 2019 ع جي آخر ۾ راڳ ويراڳ جي محفل منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ استاد برڪت علي شيخ، شاھ خالد بخاري، خادم علي خاصخيلي ۽ ٻين فنڪارن انقلابي ۽ صوفي گيت پيش ڪيا. ڪانفرنس کي عبيدالله سوڍر، سڪندر مغيري، نواب علي ٿهيم، محمد خان مغيري، زاهد چانڊيو، انجمن ترقي پسند ۽ سپلا اڳواڻ منظور ڪلهوڙي، شهري اتحاد جي صدر عبدالحليم ڇٽي، ڪامريڊ غلام مصطفي کاهوڙي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو