هارورڊ يونيورسٽي جي شاگردن جي آرمي چيف سان ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) هارورڊ بزنس اسڪول جي 9 ملڪن سان تعلق رکندڙ 44 شاگردن جي هڪ وفد، اڄ جنرل هيڊڪوارٽرز ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي. ان ڳالهه ٻولهه واري سيشن ۾ علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار، دهشتگردي جي خلاف ان جي غيرمتزلزل ڪوششن ۽ جمهوري قدرن کي برقرار رکڻ جي عزم تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير موجوده دور جي سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعليم، تنقيدي سوچ ۽ جدت جي اهميت تي زور ڏنو. هن پاڪستان جي وسيع صلاحيت کي اجاگر ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙن کي حوصلا افزائي ڪئي ته اهي ذاتي تجربن جي بنياد تي پنهنجا راءِ قائم ڪن. آرمي چيف چيو وفد کي ڊجيٽل دور ۾ غلط معلومات ۽ جعلي خبرن جي خطرن جي خلاف پڻ خبردار ڪيو ۽ شاگردن تي زور ڀريو ته هو سمجھداريءَ سان هن منظر کي نيويگيٽ ڪن. هارورڊ جي شاگردن تعميري ۽ روشن خيال رابطي جي سهولت ڏيڻ تي آرمي چيف جو شڪريو ادا ڪيو. ياد رهي ته 20 آگسٽ تي جنرل هيڊ ڪوارٽرز ۾ مختلف پاڪستاني يونيورسٽين جي شاگردن سان به آرمي چيف ملاقات ڪري ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. جيڪو عمل سندس قوم جي نوجوانن جي پرورش ۽ حوصلا افزائي لاءِ سندس عزم کي اجاگر ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو