هائبرڊ جمهوري ماڊل ناڪام ٿي چڪو آهي، شاهد خاقان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نواز ليگ اڳواڻ محمد زبير جو آرمي چيف سان پُراڻو واسطو آهي، پهرين به سندن ملاقاتون ٿينديون رهيون آهن، خبر ناهي ته ملاقاتن تي ڇو اعتراض ڪيو وڃي ٿو، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اها حقيقت آهي ته گلگت بلتستان کي صوبو ٺاهڻ واري معاملي تي پارليامينٽ ۾ بحث ٿيڻ گهرجي، آرمي چيف صورتحال واضح ڪرڻ لاءِ پارلياماني ليڊرز سان ملڻ گهريو ته اُن ۾ ڪهڙو عيب آهي، آرمي چيف سان ملاقات پارليامينٽ ۽ جي ايڇ ڪيو ۾ نه ٿي آهي، اجايو اِن معاملي کي اُڇاليو وڃي ٿو، اسان وٽ قانون ۽ آئين کان هٽي ڪري به روايتون قائم ٿي چڪيون آهن، پهرين به اهڙيون ملاقاتون ٿينديون آهن، فيٽف جي معاملي تي به ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون، ڇاڪاڻ جو اِن معاملي ۾ حڪومت بي وس بڻجي چڪي آهي، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز ليگ اڳواڻ چيو ته اپوزيشن سان گڏ آرمي چيف به گهُر ڪئي ته فوج کي سياست ۾ نه پوڻ گهرجي، سڄي پاڪستان کي خبر آهي ته موجوده حڪومت ڪيئن آئي؟ جمهوريت جو هائبرڊ ماڊل ناڪام ٿي ويو، هاڻي اپوزيشن جماعتون ملڪي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو