هاءِ ڪورٽ موت جي سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ قتل ڪيس ۾ رينجرس پاران گرفتار ڪيل  ايم ڪيو ايم ڪارڪن  سيد آصف علي جي موت واري سزا  کي عمر قيد ۾ تبديل ڪري  ڇڏيو آهي. جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ اپيلٽ بئنچ اهڙو حڪم سومر ڏينهن جوابدار سيد آصف علي پاران  دهشتگردي ٽوڙ خاص عدالت جي فيصلي خلاف داخل ڪيل اپيل جو فيصلو ٻڌائيندي ڏنو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڄاڻايل جوابدار کي قتل جو ڏوهي قرار ڏيندي کيس موت واري سزا ٻڌائي هئي جنهن جي خلاف هن  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي.  جوابدار سيد آصف علي مٿان الزام هو ته ان وقاص شاهه نالي شخص کي قتل ڪيو هو جنهن بعد ڄاڻايل جوابدار مفرور هو پر رينجرس ڪارروائي ڪري کيس ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تان گرفتار ڪيو هو.  

پهنجو تبصرو موڪليو