هاءِ وي تان موٽر سائيڪل ڦر، مزاحمت تي نوجوان زخمي

مورو(مورائي اياز سولنگي) قومي شاهراھ تان ڏينهن ڏٺي جو نوجوان کان موٽر سائيڪل ۽ روڪ ٽي هزار ڦر، مزاحمت تي نوجوان زخمي، مورو اسپتال منتقل، حد جي ٿاڻي تي موٽر سائيڪل ڦر جي اين سي داخل پر گرفتاري نه ٿي. ڇوٿون ميل اسٽاپ وٽ ڏينهن ڏٺي جو ٽي نامعلوم هٿيار بند ڦورو امتياز سهتو کان سپر اسٽار موٽر سائيڪل ڦر ڪئي ڦر دوران نوجوان ڦورن سان مزاحمت ڪئي ته ڦورن هن کي زخمي ڪري ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ڦري فرار ٿي ويا ، زخمي نوجوان کي مورو اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته حد جي ٿاڻي مورو تي موٽر سائيڪل ڦر جي نامعلوم ڦورن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو