ن ليگ کي ووٽ ڏئي اپوزيشن ۾ ويهي سگهجي ٿو: ڪنڊي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پيپلز پارٽي جي ترجمان فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ن ليگ کي ووٽ ڏئي اپوزيشن ۾ به ويهنداسين،نجي ٽي وي سا ن ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪالهه مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جي ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، آزاد اميدوارن کي به انگن اکرن جو فائدو آهي.فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري پيپلز پارٽي جو وزارت عظميٰ جو اميدوار آهي، سي اي سي آڏو تجويزون رکيون وينديون، سي اي سي ۾ فيصلو ٿيندو.هن چيو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي جو بلاول ڀٽو وزيراعظم نه ٿو بڻجي ته پيپلز پارٽي کي اپوزيشن ۾ ويهڻ گهرجي، جيڪڏهن پي ڊي ايم پارٽ 2 آئي ته مان سمجهان ٿو ته اهو سٺو نه هلي سگهندو.فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ آهي ته ملڪ جي معاشي ۽ سڪيورٽي صورتحال انتهائي خراب آهي، حڪومت کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، ايندڙ حڪومت به ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار هوندي، ان وٽ اڪثريت به نه هوندي.پيپلز پارٽي جي ترجمان چيو ته اليڪشن ڪميشن فيصلو ڪندي ته سنڌ ۾ ڪنهن کي وڏو وزير بڻايو وڃي، بلوچستان ۾ پيپلز پارٽي جي اڪثريت آهي.هن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ مسلم ليگ ن جي حمايت ڪريون ٿا ته پوءِ ن ليگ بلوچستان ۾ به اسان جي حمايت ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو