ن ليگ جي اهم اڳواڻ عباس آفريدي پارٽي ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان

لاهور: (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي اهم اڳواڻ عباس آفريدي پارٽي ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياست صرف ڪوڙ تي ٻڌل آهي. (ن) ليگي اڳواڻ عباس آفريدي چيو آهي ته نوازشريف سياست ڇڏي چڪو آهي منهنجي سياست نوازشريف تائين هئي(ن) ليگ ۽ سياست کي ڇڏي رهيو آهيان.عباس آفريدي چيو ته ڪنهن به پارٽي ۾ شموليت نه پيو ڪريان، سياست ۾ حصو نه وٺندس. ليگي اڳواڻ چيو ته نوازشريف اڳواڻ آهي ۽ پارٽي جو صدر آهي پر هاڻ اهو سياست مان آئوٽ ٿي چڪو آهي ان سان دوستي آهي ۽ رهندي.هن چيو ته پاڪستان ۾ سياست صرف ڪوڙ تي ٻڌل آهي جيڪو ڪوڙ ڳالهائيندو، منافقي يا چاپلوسي ڪندو اهو پاڪستان ۾ سياست ڪري سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو