اسلام آباد)بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار کي نگران وزيراعظم بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ اسحاق ڊار کي نگران وزيراعظم بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان ن ليگ پيپلز پارٽي سان به مشاورت ڪئي آهي.ذريعن موجب حڪومتي ڪميٽي اسحاق ڊار جي نالي تي باقي سياسي پارٽين کي به اعتماد ۾ وٺي رهي آهي، جڏهن ته نگران وزيراعظم طور اسحاق ڊار جو نالو به اسٽيبلشمينٽ کي قبول آهي. ٻئي طرف نجي ٽي وي سان پيپلز پارٽي جي ترجمان فيصل ڪريم ڪنڊي ڳالهائيندي چيو ته هن وقت تائين ن ليگ نگران وزيراعظم لاءِ اسحاق ڊار جو نالو پيپلز پارٽي آڏو نه رکيو آهي.نالو سامهون اچڻ تي فيصلو ڪيو ويندو. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته جيڪڏهن مستقبل ۾ اسحاق ڊار جو نالو سامهون آيو ته ان تي مشاورت ٿي سگهي ٿي، نگران وزيراعظم جي نالي تي پارٽي قيادت ۽ سينيئر قيادت فيصلو ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته ن ليگ وانگر ٻين پارٽين کي به نگران وزيراعظم جي نالي تي مشاورت ڪرڻي آهي، نگران وزيراعظم بابت پارٽي اندر به صلاح مشورا جاري آهن پر اڃا نالو فائنل نه ٿيو آهي، نگران وزيراعظم جو نالو فائنل ٿيندي ئي ان جو اعلان ڪيو ويندو.هوڏانهن نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته سموريون پارٽيون متفق ٿينديون ته اسحاق ڊار نگران وزيراعظم هوندو، پر نگران وزيراعظم جو فيصلو سمورين پارٽين سان مشاورت کانپوءِ ڪيو ويندو.
