ن ليگ اڳواڻ مريم نواز ڏيهه واپس پهچي وئي

لاهور: (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نوازشريف ايمريٽس جي اڏام ذريعي ملڪ واپس پهچي وئي آهي.لاهور ايئرپورٽ تي اڳوڻي ايم پي اي مرزا جاويد مريم نوازشريف جو استقبال ڪيو. مريم نوازشريف ذاتي سيڪيورٽي حصار ۾ ايئرپورٽ کان جاتي امراءِ رائيونڊ رواني ٿي وئي.لنڊن ۾ رهائش دوران مريم نواز پنهنجي والد سان گڏ ملڪي سياسي صورتحال تي مشاورت ڪئي. ياد رهي ته مريم نوازشريف عيد کان اڳ دبئي کان لنڊن رواني ٿي هئي. جڏهن ته مريم نواز ڪجهه ڏينهن دبئي ۾ به قيام ڪيو هو. مريم نواز پنهنجي والد نوازشريف سان گڏ لنڊن ۾ عيد ملهائي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو