اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اپوزيشن ليڊر راجا رياض ۽ وزيراعظم شهباز شريف وچ ۾ نگران وزيراعظم جي نالي تي اتفاق نه ٿي سگهيو ۽ اڄوڪي مشاورتي اجلاس بنا نتيجي ختم ٿي ويو.وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر راجا رياض چيو ته ملاقات سٺي ماحول ۾ ٿي، هينئر تائين ڪنهن به نالي تي اتفاق نه ٿي سگهيو آهي، فيصلو ڪيو ويو آهي ته سڀاڻي ٻي ملاقات ٿيندي.ان حوالي سان وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي.نگران وزيراعظم جي نالن تي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ وچ ۾ مشاورت جو پهريون دور ٿيو.ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته قومي مسئلي تي وڌيڪ غور ويچار کانپوءِ سڀاڻي 11 آگسٽ تي ٻيهر مشاورت ڪئي ويندي.وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب نگران وزيراعظم جي مقرري لاءِ وزيراعظم مخالف ڌر جي اڳواڻ کي مشاورتي اجلاس جي دعوت ڏني هئي…اپوزيشن ليڊر راجا رياض ۽ وزيراعظم شهباز شريف وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ نگران وزيراعظم جي نالي تي غور ڪيو ويو.جڏهن راجا رياض وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات لاءِ وزيراعظم هائوس پهتو ته صحافي سوال ڪيو ته ڪيترا نالا کڻي آيا آهيو؟ صحافي جي سوال تي مخالف ڌر جي اڳواڻ جواب ڏنو ته هو 3 نالا کڻي آيو آهي.
