نگران وزيراعظم لاءِ وزيراعظم سان ڪا به صلاح مشورو ناهي ٿيو: راجا رياض

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض چيو آهي ته نگران وزيراعظم جي مقرري لاءِ وزيراعظم شهباز شريف سان مشاورت ناهي ڪئي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي راجا رياض چيو ته سڀاڻي وزيراعظم سان مشاورت ٿيندي جنهن ۾ مان پنهنجا نالا ڏيندس.هن چيو ته سندس 3 نالن مان 90 سيڪڙو ساٿين جي مشوري سان فائنل ڪيا ويا آهن.جڏهن کانئس پڇيو ويو ته چيو پيو وڃي ته نواز شريف نالو فائنل ڪري ورتو آهي، اوهان سان مشاورت بي معنيٰ آهي؟ جنهن تي هن جواب ڏنو ته توهان جيڪو به چئو اهو منهنجو پنهنجو آهي.هن چيو ته هن پنهنجي ساٿين سان مشاورت مڪمل ڪئي آهي ۽ سڀاڻي وزيراعظم سان ملاقات ڪندو.جڏهن کانئس پڇيو ويو ته نگران وزيراعظم هوندو ته جج يا جنرل؟ جنهن تي مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته منهنجا ٽي نالا رڳو پاڪستاني هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو