نگران وزيراعظم لاءِ نواز ۽ زرداري ۾ مشاورت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت نگران وزيراعظم لاءِ مختلف نالن تي غور ڪري رهي آهي.ذريعن موجب نگران وزيراعظم لاءِ حڪومت ۽ اتحادين وچ ۾ صلاح مشورا جاري آهن، مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف ۽ آصف علي زرداري ۾ ڪيترائي ڀيرا صلاح مشورا ٿي چڪا آهن، حتمي نالي جو فيصلو هن هفتي ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف ۽ آصف زرداري پاران نامزد ڪيل نالا وزيراعظم کي پيش ڪيا ويندا، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض وچ ۾ اڄ اربع تي مشاورت جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو