نگران وزيراعظم لاءِ نالن جي حتمي لسٽ جاري ڪنداسين، ڪنڊي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وفاقي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پيپلز پارٽي ٻن کان چئن ڏينهن ۾ نگران وزيراعظم لاءِ نالو پيش ڪندي، نالن تي غور ڪيو پيو وڃي، حتمي لسٽ جلد پڌري ڪئي ويندي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته نگران وزيراعظم جي نالي تي پارٽي قيادت ۽ ڪور ڪميٽي کي فيصلو ڪرڻو آهي، نگران وزيراعظم لاءِ ن ليگ وٽ جيڪو به نالو آيو ان تي غور ڪيو ويندو.هن چيو ته متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان کي تڪ بندين تي اعتراض آهي، چونڊون ملتوي نه ٿيڻ گهرجن، اسان چاهيون ٿا ته چونڊون آڪٽوبر ۾ ٿين.فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ آهي ته چونڊن ۾ 4 کان 6 مهينا دير ملڪ لاءِ قبول ناهي.وفاقي وزير چيو ته آصف زرداري هن وقت دبئي کان ٻاهر آهي، هن نواز شريف سان ملاقات ناهي ڪئي.هن جو اهو به چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي اڃا تائين نگران وزيراعظم لاءِ ڪو به نالو فائنل نه ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو