نگران وزيراعظم لاءِ بيگ بعد ڊار به آئوٽ، پاڳارو فيورٽ بڻيل

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) نگران وزيراعظم جي ڊوڙ مان صحافي محسن بيگ جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ اسحاق ڊار جو به پتو ڪٽجي ويو آهي. آمريڪا پلٽ محسن بيگ اڳ ۾ عمران خان جو خاص ماڻهو هو پر بعد ۾ اختلافن سبب خان جي حڪومت ۾ ايف آءِ اي کيس گرفتار ڪيو هو ۽ مارڪٽ سبب سندس سڄيل منهن واريون تصويرون وائرل ٿيون هيون. محسن بيگ ميڊي ۾ ٻيهر ان وقت اهم خبر بڻيو جڏهن آرمي چيف عاصم منير جي نامزدگي ٿي هئي. سندس ’فرينڪ ماحول‘ واريون تصويرون وائرل ٿيون ۽ عمري تي آرمي چيف سان گڏ گڏ هو. سندس نالو نگران وزيراعظم لاءِ سامهون آيو ته حڪومتي اتحاد جي ٻن کان وڌيڪ وزيرن جا بيان آيا ته ڪنهن به صحقافي، رٽائرڊ جج، جنرل يا بيورو ڪريٽ کي نگران وزيراعظم نه بڻايو ويندو. جنهن بعد محسن بيگ سليم صافي جي شو ۾ اميدوار هجڻ جي ترديد به ڪئي هئي. جنهن بعد مسلم ليگ (ن) وارن چالاڪي ڪندي نامعلوم ذريعن کان خبر هلرائي ته اسحاق ڊار نگران وزيراعظم لاءِ پارٽي جو اميدوار هوندو. جنهن بعد پي ڊي ايم جي ترجمان حافظ حمد الله، پيپلز پارٽي جي فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ شير رحمان جي بيانن مان صاف صاف ظاهر آهي ته هو اسحاق ڊار جي نالي تي متفق نه آهن. اهم ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب نگران وزيراعظم لاءِ پير پاڳارو کي فيورٽ قرار ڏنو پيو وڃي. سياست کان پري رهڻ جو اعلان ڪرن واري ڌر پير پاڳارو جي حمايت ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڃا اهو طئي ناهي ٿيو ته پير پاڳارو پاڻ نگران وزيراعظم ٿيندو يا پنهنجي ننڍي ڀاءُ صدر الدين راشدي کي نامزد ڪندو ۽ اهو فيصلو پير پاڳارو ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي ان تجويز جي حامي آهي ۽ ان جي بدلي ۾ پي پي ڪجهه حلقن ۾ ساڻن سياسي ڊيل ڪندي ۽ ڏي وٺ بعد پي پي پنهنجي ڪجهه اميدوارن کي بنا مقابلي ڪامياب ڪرائڻ چاهي ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ان ڏس ۾ يوسف رضا گيلاني ۽ مخدوم احمد محمود اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. جن جهانگير ترين سان به رابطو ڪيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته جهانگير ترين ڪافي رابطن جي باوجود به اڃا تائين مسلم ليگ (ن) سان سيت ايڊجسٽمينٽ ڪرڻ ۽ مستقبل جي سياسي سيٽ اپ ۾ ساٿ ڏيڻ جو ڪو واعدو ناهي ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو