نگران وزيراعظم سمري ۾ اعتراض جوڳي ٻولي استعمال ڪئي، علوي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ملڪ جي صدر عارف علوي نگران وزيراعظم طرفان اماڻيل سمري تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نگران وزيراعظم طرفان اماڻيل سمري ۾ برداشت نه ڪرڻ جوڳي زبان استعمال ڪرڻ سان گڏ الزام پڻ لڳايا ويا آهن.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نگران وزيراعظم سمري ۾ برداشت نه ڪرڻ جوڳي زبان استعمال ڪئي ۽ بي بنياد الزام لڳايا. ملڪ جي صدر پنهنجي حلف ۽ ذميوارين موجب هميشه اصولن کي برقرار رکيو آهي. صدر چونڊ عمل ۾ ٿيندڙ بي ضابطگين ۽ حڪومت قائم ڪرڻ جي عمل کان غافل نٿو ٿي سگهي. صدر کي قوم جي بهتري ۽ هم آهنگي جي لاءِ قومي مفاد کي آڏو رکڻو پوندو آهي.صدر عارف علوي وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جي قومي اسيمبلي جي اجلاس بابت سمري آئين جي آرٽيڪل 48 هڪ موجب واپس ڪئي وئي. مقصد آئين جي آرٽيڪل 51 جي تحت قومي اسيمبلي جي تڪميل هئي. پر منهنجي عمل کي جانبدار عمل جي طور تي ورتو ويو. قرارداد جي مقصد موجب عوام کي پنهنجي ملڪ جي ايگزيڪٽو فيصلن ۾ حصو وٺڻ کان محروم نٿو ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو