نگران وزيراعظم جي مقرر آئين ۾ طئي ٿيل طريقيڪار موجب ٿيندي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيرِ اعظم اڃا تائين نگران وزيراعطم لاءِ ڪنهن اميدوار کي سليڪٽ يا رد ناهي ڪيو.پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته نگران وزيراعظم جي مقرر آئين ۾ طئي ٿيل طريقيڪار موجب ٿيندي.هن چيو ته وزيرِ اعظم موزون ترين اميدوار لاءِ سمورين اتحادي جماعتن سان مشاورت ڪندو ۽ ن ليگ جي قائد کان رهنمائي به حاصل ڪندو.سڌ سماءُ واري وزير ٻڌايو ته اتحادين سان صلاح مشوري کانپوءِ وزيرِ اعظم اپوزيشن ليڊر سان مشاورت ڪندو.ياد رهي ته موجودا اسيمبلي جو مدو ٻارنهن آگسٽ تي پورو ٿي رهيو آهي، ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شرصيف اعلان ڪيو هوته اسان مدو پورو ٿيڻ کان پهريان ئي وينداسين ۽ نگران حڪومت ايندي.

پهنجو تبصرو موڪليو