نگران حڪومت کي چونڊيل حڪومت جي اختيارن تي اعتراض آهي

لاهور (ويب ڊيسڪ)پيپلز پارٽي جي ترجمان فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي کي چونڊيل حڪومت جا اختيار نگران حڪومت کي ڏيڻ تي اعتراض آهي.هڪ بيان ۾ سينيٽر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته خيبرپختونخواهه کي نگران حڪومت تي اعتراض آهي ۽ پيپلز پارٽي کي به نگران حڪومت کي چونڊيل حڪومت جا اختيار ڏيڻ تي اعتراض آهي.هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ موجوده حڪومت کي خبر ناهي ته نگران آهي يا چونڊيل،پ پ ترجمان چيو ته پيپلزپارٽي سيڪشن 230 ۾ ترميم تي خدشن جو اظهار ڪيو هو، اسان چونڊن طرف وڃي رهيا آهيون، نئون معاهدو چونڊيل حڪومت ڪندي.فيصل ڪريم ڪنڊي وڌيڪ چيو ته اسحاق ڊار جو نالو (ن) ليگ نه ڏنو هو ۽ نه ئي ان تي ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، نگران وزيراعظم کي غير جانبدار ۽ ايترو مضبوط هجڻ گهرجي ته هن ڀيري آر ٽي ايس نه بيٺو، سياسي ماڻهن ۾ نگران حڪومت نه هجڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو