نڪاسي نظام ناڪارا، ملازم گهر ويٺي پگهارون کڻڻ لڳا، شهري پريشان

ٺڪراٺو(رپورٽ حضرت گل پٺاڻ) يوسي مبارڪپور جو ڊرينيج سسٽم ناڪارا بڻيل ھئڻ سبب نالين جو گندو پاڻي رھواسين جي گھرن پاڙن روڊن ۽ رستن تي تلائن جي صورت ۾ بيٺل ھجڻ سبب رھواسي جھاڳڻ تي مجبور بڻيل آھن. گندي پاڻي جي نيڪال واري موٽر خراب آھي، مقرر ڪيل ملازم پبلڪ ھيلٿ آفيس سکر جي انتظاميا سان ملي ڀڳت ڪري پگھارون گھر ويٺي کڻي رھيا آھن. ناڪارا ڊرينيج سسٽمن کي ملازمن ھلندڙ ڄاڻائي تيل ۽ ٻئي مد ۾ لکين رپيا خرچ ڄاڻائي ھر مھيني ھڙپ ڪري رھيا آھن. ڏھن سالن دوران رڪارڊ ڪرپشن ڪئي وئي آھي پر ملوث عملدارن خلاف ڪا به قانوني ڪارروائي ناھي ٿي سگھي.  شهرين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڪيترائي ڀيرا پبلڪ ھيلٿ انتظاميا سکر کي شڪايت ڪئي آھي پر ٻڌي اڻٻڌي ڪري ٿا ڇڏين. ڪنو پاڻي بيھڻ سبب مختلف بيمارين ۾ ورتل آھيون. ھنن ڊي سي سکر پبلڪ ھيلٿ انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڊرينيج سسٽم ٺھرائي ڪنو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو