نڪاح مهل گوڙ، ڪنواريتا واپس، گهوٽ جي گهوڙا گهوڙا

ڪوٽڏيجي(غلام الله سيال) غريب آباد ڪالوني واسي گهوٽ غلام اصغر ولد غلام علي شيخ جي شادي ڪراچي جي ناري ورشا شيخ سان طئي ٿيڻ بعد نڪاح مهل گوڙ ٿي ويو. ڪنوار جي مائٽن شرط رکيو ته گهر جي جاءِ ڪنوار جي نالي لکي ڏيو. جنهن تي گهوٽ واري ڌر انڪار ڪيو ۽ ڪنوار جا وارث ڏاج سميت ڪنوار وٺي ڪراچي هليا ويا. گهوٽ ۽ سندس والده روئيندا رهيا. هنن ٻڌايو ته پوليس کي شڪايت ڪئي پر پوليس هنن کان پئسا وٺي ڇڏي ڏنو. گهوٽ جي والده ضميران سنڌيار کي ٻڌايو ته اسين ٽي تولا  سون، ڪپڙا وغيره کين ڏاج ۾ ڏنا هو سڀ ڪجهه کڻي ويا. مون ڪراچي مان سامان جي گاڏي ڀرائي 25 هزار ڪرايو ڀري کين وٺي آيس پر ظالم ظلم ڪري ويا. هن چيو ته ڇوڪري راضي هئي پر اسد، سندس ڀاءُ ۽ ٻه پٽ اسانکي ڌڪ هڻي ڪنوار کي وٺي ويا. اسان ماني ڪرائي جيڪا پڻ حرام ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو