اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.نيپرا بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 24 پئسا في يونٽ واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو مدو ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ تحت جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي بلن تي لاڳو ٿيندو پر اهو بجلي صارفين تي لاڳو نه ٿيندو.نيپرا گذريل هفتي بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏني هئي ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ سان صارفين کي 46.53 ارب رپيا مهانگو پوندو.
