نينگري ٽريڪٽر هيٺان اچي فوت

جروار(ن س) جروار ڀرسان 8 سالن جي نينگري ٽريڪٽر هيٺان ڇيڀاٽجي فوت , جروار ڀرسان  لنڪ روڊ تي رڪشي تان 8 سالن جي نينگري رقيه ڌي خير محمد  گبول اچانڪ رڪشه تان ڪري پئي پويان اسپيڊ سان ايندڙ ٽريڪٽر معصوم نينگري مٿان چڙهي ويو جنهن سبب نينگري ٽريڪٽر هيٺان اچي وئي نينگري کي وارثن پاران اسپتال کنيو پيو پر نينگري رستي ۾ فوت ٿي وئي ,پوليس پهچي ٽريڪٽر  ڊرائيور زاهد لاشاري کي گرفتار ڪري ٽريڪٽر تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو