نينگري سان زوري ڪندڙ ماستر مارڪٽ بعد پوليس حوالي

دڙو (امداد ميمڻ) دڙو جي نجي ٽيوشن سينٽر ۾ پڙھندڙ 8 سالن جي معصوم نينگري سان مبينا جنسي ڏاڍ جي ڪوشش ڪندڙ وحشي استاد احسان ولد غلام رسول عباسي پوليس بدران وارثن ھٿان سوگھو ٿي ويو. کيس مارڪٽ بعد شھر جو گشت ڪرائي پوليس حوالي ڪيو ويو. امڪاني رتوڇاڻ کي روڪڻ لاء جوابدار ميرپوربٺورو پوليس جي سخت پهري ۾ جيل حوالي ڪيو ويو. نينگري سان پيش آيل واقعي بعد دڙو شھر ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ سخت تاءُ ڦهليل آهي ۽ ڪجهه مائيٽن پنھنجي ٻارن کي ٽيوشن تي موڪلڻ کان روڪي ڇڏيو. مختلف شھري، سياسي سماجي ۽ مذھبي تنظيمن طرفان واقعي جي مذمت. غير رجسٽرڊ ۽ غير معياري پرائيويٽ اسڪولن خلاف سخت ڪارروائي جي گھر ڪئي آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن دڙو پوليس اسٽيشن تي ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس کيس گرفتار نه ڪري سگھي هئي. صبع سوير جوابدار ٽيچر جيئن ئي پنھنجي گھر ٻاھران بيٺل ھو ته نينگري جي وارثن، اصغريه آرگنائيزيشن، مجلس وحدت المسلمين جي ڪارڪنن ۽ شھر جي سول سوسائٽي وارن کيس پڪڙي ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو