نينگري بازياب نه ٿي، ايس ايڇ او عدالت طلب

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج سيد اڪرام الرحمٰن شاهه جي عدالت ۾ درخواست گذار اظهر علي شاهه ايڊووڪيٽ زاهد علي شاهه جي معرفت 491 تحت درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ جوابدارن نادر علي، گلاب، نواب، علي نواز، غلام نبي ۽ گلاب خان شهر جي رياض ڪالوني مان منهنجي ڀاڻيجي 12 سالا ڪرن کي اغوا ڪري غائب ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهڙو ڪيس نوشهروفيروز ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي ان باوجود نوشهرو فيروز پوليس معصوم نينگري کي بازياب ناهي ڪرايو ۽ جوابدار اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. عدالت اهڙو موقف ٻڌڻ بعد ايس ايڇ او نوشهروفيروز کان 29 آگسٽ تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو