نينگريءَ سان زيادتي ڪندڙ جوابدار عدالت ۾ پيش

مانجهند (مهراڻ عمراڻي) هڪ ڏينهن اڳ خاڻوٺ ۾ 7 ورهين جي ٻارڙي  ڪشف ملاح سان ڏاڍائي جي تعلقه اسپتال ڪوٽڙي مان  ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ موجب تصديق ٿيڻ  بعد ٻارڙي جي والد مشتاق ملاح جي فرياد تي ٽن جوابدارن امير ملاح، جمع ملاح، سليم عمراڻي تي 352,376, 34 پي پي سي قلم تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو. جنهن تي اڄ پوليس ٽنهي جوابدارن کي ڄامشورو جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتان جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي ريمانڊ تي خاڻوٺ پوليس حوالي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو