نيشنل هاءِ وي تي ڪار سان حادثو، عورت فوت، 4 ڄڻا زخمي

ميرپورماٿيلو (ظهير وسير) نئون روڊ لڳ نيشنل ھاءِ وي تي ميرپورماٿيلو کان گھوٽڪي طرف ويندڙ ڪار تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وئي ۽ ڪلٽيون کائي روڊ کان ھيٺ وڃي ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ گھوٽڪي سبزي منڊي جا رھواسي ھڪ عورت مسمات سڪينه آرائين ٿڏي تي فوت ٿي ويئي، سندس 2 پٽ منشا سندس گھر واري عزيزان ۽ محمد امين سندس گھر واري صغران زخمي ٿي پيون. فوتي ۽ زخمين کي موٽروي پوليس کڻائي سول اسپتال پھچايو جتي زخمين جي مرھم پٽي ھلندڙ آھي ھوڏانھن فوتي کي ضروري ڪاغذي ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو