نيب ۾ ترميم لاءِ اپوزيشن جي تجويزن تي غور ڪنداسين؛ شاهه محمود

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير خارجه شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اپوزيشن طرفان قومي احتساب بيوريو (نيب) ترميمي آرڊيننس تي انتقامي ڪارروائين جو تاثر درست ناهي. وزير خارجه ٻڌايو ته نيب جي قانون ۾ ترميم لاءِ وڏي عرصي کان ڪوششون جاري هيون، نيب اصلاح لاءِ ته ن ليگ حڪومت ڪميٽي به ٺاهي هئي. وزير خارجه چيو ته اپوزيشن جو نيب ترميمي آرڊيننس تي انتقامي ڪارروائي جو تاثر ٺيڪ ناهي اسان ڪنهن سان به امتيازي سلوڪ رکڻ جا خواهشمند ناهيون. هن چيو ته مختلف ادارن کان تفتيش جو مختلف ڪم ورتو ويندو آهي هاڻي نيب ترميم جو آرڊيننس ٻنهي ايوانن ۾ وڃڻو آهي جيڪڏهن ترميم لاءِ اپوزيشن سٺيون تجويزون آڻيندي ته اسان دل سان اپوزيشن جون تجويزون قبول ڪنداسين. ٻئي طرف ن ليگ اڳواڻ ميان جاويد ڳالهائيندي چيو ته نيب اداري جي بنياد انتقام ۽ مخالفن کي نقصان پهچائڻ آهي جڏهن پنهنجي واري آئي ته حڪومت نيب ترميم کڻي آئي. هن چيو ته اسان جو پهرين ڏينهن کان موقف رهيو آهي ته ادارا پنهنجي حد ۾ رهي ڪم ڪن ۽ اپوزيشن سمجهي ٿي ته نيب اداري جي ضرورت ئي ناهي. جيڪڏهن ادارا ايمانداري سان ڪم ڪن ته پوءِ اهو هڪ هجي يا ڏهه ان سان ڪو به فرق نه ٿو پوي. ياد رهي ته 27 ڊسمبر تي وفاقي ڪابينه سرڪوليشن ذريعي نيب ترميمي آرڊيننس 2019 جي منظوري ڏني جنهن کان پوءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي به آرڊيننس تي دستخط ڪري ڇڏي آهي. ملڪ جي صدر نيب ترميمي آرڊيننس تي دستخط کان پوءِ آرڊيننس عمل ۾ اچي چڪو آهي پر اپوزيشن طرفان آرڊيننس تي شديد رد عمل جو اظهار ڪرڻ سان گڏ ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو