خدا نه ڪري ته عمران خان جي حڪومت مدو پورو ڪري، زرداري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ نيب ۽ معيشت گڏ نٿا هلي سگهن، يا نيب هلندو يا ملڪي معيسٽ هلندي. اسلام آباد جي عدالت ۾ جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ حاضري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي صدر چيو ته هن ملڪ ۾ نيب هلندو يا معيشٽ هلندي، ٻئي گڏ نٿا هلي سگهن. صحافين سوال ڪيو ته ڇا پي ٽي آءِ سرڪار 5 سالن جو مدو پورو ڪري سگهندي، آصف زرداري رڳو ايترو چيو ته “الله نه ڪري”. مولانا فضل الرحمان جي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جي حوالي سان سوال تي آصف علي زردري چيو “انشاءَ الله”. نواز شريف جي حوالي سان پُڇيل سوال جي جواب ۾ اڳوڻي صدر چيو ته الله سڀني کي صحت ڏئي، ميان صاحب کي جيڪڏهن ضرورت آهي ته پرڏيهه هليو وڃي، هو ڪيڏانهن ويندو. ان کان اڳ احتساب عدالت ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس جي احتساب عدالت جي جج محمد ارشد ملڪ وٽ ٻڌڻي ٿي ته نيب جي پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته نورين ۽ ڪرن کانپوءِ ٽيون جوابدار شير محمد به وعده معاف گواهه ٿيڻ لاءِ درخواست ڏني آهي. عدالت پڇو ته حسين لوائي ڪٿي آهي پراسيڪيوٽر چيو ته سنڌ حڪومت کي ٻه دفعا لکيو آهي جواب نٿو ملي. جنهن تي جج ڪورٽ کي هدايت ڪئي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪريو. عدالت هن ڪيس ۾ 20 لک جي عيوض ضمانت ۾ 9 مئي تائين واڌ جي منظوري ڏني ۽ وڌيڪ سماعت ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو