نيب ۽ معيشت گڏوگڏ هلندا، ڊڪٽيشن نه وٺنداسين، چيئرمين نيب

ملتان (م ڊ) نيب جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته جيڪي چون ٿا نيب ۽ معيشت گڏ نٿا هلي سگهن، اُهي غلط آهن. نيب ۽ معيشت گڏ هلندا ۽ ڪير به نيب کي ڊڪٽيٽ نٿو ڪري سگهي. ملتان ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين چيو ته ڪرپشن ڪندڙن خلاف قانون لازمي طور حرڪت ۾ ايندو ۽ جيڪو ڦرلٽ ڪندو، ان کي نيب جي جي ڪيسز کي منهن ڏيڻو پوندو. ڪيترائي سقراط ۽ بقراط پيدا ٿي ويا آهن، جِن نيب جو قانون پڙهيو ئي ناهي ۽ بنا پڙهڻ جي تنقيد ڪري رهيا آهن . هن وڌيڪ چيو ته نيب جو ڪارو ناهي، ڪارو قانون هجي ها ته سُپريم ڪورٽ ان کي ختم ڪري ڇڏي ها. هن وضاحت ڪندي چيو ته هي انهن لاءِ ڪارو قانون ضرور آهي، جيڪي ڦرلٽ ۾ ڪن ٿا. هن چيو ته جيستائين نيب موجود آهي، قانون موجب پنهنجون ذميواريون نڀائيندو رهندو. جسٽس (ر) جاويد اقبال اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ صاحب چيو ته نيب مني لانڊرنگ جو ادارو آهي، نيب جيڪڏهن مني لانڊرنگ ڪندو به ته اُها عوام لاءِ هوندي، پيرس ۾ ملڪيتون ٺاهڻ لاءِ نه هوندي. نيب خلاف مڪروهه پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي. هن خبردار ڪندي چيو ته ڪنهن جي دماغ ۾ اهوخيال  نه هجي ته چوري تي نيب خاموش ٿي ويهي رهندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪرپشن نه هجي ها ته ملڪ کي قرض وٺڻ جي ضرورت ئي نه پوي ها.

پهنجو تبصرو موڪليو