نيب ن ليگي اڳواڻ پرويز ملڪ کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) قومي احتساب بيورو نيب راولپنڊي  مسلم ليگ ن جي اڳواڻ پرويز ملڪ کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو.نيب مسلم ليگ ن  جي اڳواڻ پرويز ملڪ کي جاچ ٽيم جي سامهون پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي. نيب پرويز ملڪ کي کنڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ طلب ڪيو آهي. پرويز ملڪ کان بطور اڳوڻي واپار واري وزير طور سمورو رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي.اي سي سي اجلاسن ۽ انٽرنيشنل سطح تي کنڊ جون قيمتون مقرر ڪرڻ جا تفصيل به طلب ڪيا ويا آهن ان کان علاوه نيب راولپنڊي صوبائي وزير پنجاب محسن لغاري کي به طلب ڪري ورتو.محسن لغاري کي 4 مئي تي  جاچ ٽيم جي سامهون پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نيب جي گڏيل جاچ ٽيم محسن لغاري کان جاچ ڪندي. محسن لغاري کي 2018 کان 2019 ۾ کنڊ سبسڊي جو رڪارڊ به آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو