نيب نديم ڀٽوجو راهداري رمانڊ وٺي ڇڏيو، اسلام آباد منتقلي جا انتظام

سکر(رپورٽ امداد ڪلوڙ) سکر جي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج نئون ديرو هائوس جي انچارج نديم ڀٽو جو راهداري رمانڊ ڏئي ڇڏيو. نيب جي ٽيم کيس سکر ايئرپورٽ تان جهاز ذريعي اڄ اسلام آباد وٺي ويندي. سکر جي احتساب عدالت جو جج موڪل تي هجڻ ڪري نيب ٽيم طرفان نديم ڀٽو کي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سکر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت نيب جي درخواست تي جوابدار جو 5 ڏينهن جو راهداري رمانڊ منظور ڪندي چيو ته وڌيڪ رمانڊ لاءِ کيس اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي جتي جعلي اڪائونٽس ڪيس هلندڙ آهي. نيب ذريعن موجب مني لانڊرنگ ڪيس ۾ انور مجيد جاچ دوران نديم ڀٽو جو نالو کنيو ۽ چيو ته هو مني لانڊرنگ جا پئسا کيس ڏيندو هو. مني لانڊرنگ ۽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس بابت جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ نديم ڀٽو ۽ سندس گهرواري عظميٰ ڀٽو جو به نالو شامل آهي. نديم ڀٽو کي آچر تي سندس لاڙڪاڻي واري گهر مان گرفتار ڪيو ويو هو ۽ پيپلز پارٽي ان جي ترديد ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو