نيب جي ناڪامي جو ڪارڻ ننڍن ماڻھن کي پڪڙڻ آھي، وزيراعظم

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ نيب 23 سالن کان ڪرپشن ۽ بدعنواني خلاف ڪم ڪري رهيو آهي پر ڪامياب نه ٿيو آهي، ناڪامي جو اصل ڪارڻ ننڍن ماڻهن کي پڪڙڻ آهي، تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته جيستائين طاقتور کي قانون جي تابع نه آڻبو، تيستائين ڪرپشن جو خاتمو ۽ قانون جي حڪمراني ممڪن ناهي، چين ٻڌايو آهي ته وڏن چورن جي گرفت ۾ اچڻ سان ئي ڪرپشن ختم ٿيندي آهي، پاڪستان کي چين مان سبق سکڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو