نيب ملزم جيل ۾ فوت، وارثنن پاران تشدد جو الزام

سکر﴿جیرام داس) مبينه بدعنواني جي نیب ڪیس ۾ جیل اماڻیل ٽریزری آفیسر دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿی ویو، وارثن پاران جیل انتظاميا تي ذھنی ٽارچر سبب فوت ٿينڻ جو الزام هنيو ويو. لاڙڪاڻي واسي فوتي شفيع محمد پٺاڻ سکر سینٽرل جیل ون جو ٽریزری جو ملازم هو. نیب سکر پاران مٿس فراډ جا 3 ریفرنس داخل ڪیا ویا ھئا. ملیل ڄاڻ موجب مٿس پھریون ریفرنس 2007 ٻیو 2010 ۽ ٽیون2013 ۾ داخل ڪیو ویوھو. نیب هن کي جنوری 2018 ۾ گرفتار ڪیو ھو ۽ احتساب عدالت سکر ۾ پیش ڪیوهو ۽ عدالت کیس سینٽرل جیل موڪليو هو. شفیح محمد پٺاڻ جی وارثن سکر جيل پھچی سندس مڙھ  وصول ڪیو.

پهنجو تبصرو موڪليو