نيب مريم نواز کي گرفتار ڪري ورتو،بلاول جو پارليمان مان واڪ آئوٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيب پاران چوڌري شگرملز ڪيس ۾ تسلي بخش جواب نه ڏيڻ ۽ طلب ڪرڻ باوجود خميس تي نيب ۾ پيش نه ٿيڻ تي کيس گرفتار ڪري ورتو. جنهن خلاف بلاول ڀٽو قومي اسمبلي مان واڪ آئوٽ جو اعلان ڪيو ته مسلم ليگي ايم اين ايز ايوان ۾ هنگامو برپا ڪري ڇڏيو. اسپيڪر حالتون خراب ڏسي ۡڪشمير جي صورتحال بابت گهرايل پارليامينٽ جو خصوصي گڏيل اجلاس جمع ڏينهن 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. مريم نواز ڪوٽ لکپت جيل ۾ والد سان ملڻ وڃي رهي هئي ته کيس گرفتار ڪيو ويو. هن کان چوڌري شگر ملز ۾ سيڙپڪاري، زمين جي خريداري بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وئي هئي ۽ کيس لکت ۾ سوال ڏنا ويا هئا جن جا جواب هن نه ڏنا. نيب پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ساڳئي ڪيس ۾ مريم جي سوٽ يوسف عباس کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. احسن اقبال، شهباز شريف ۽ مريم اورنگزيب، بلاول ڀٽو ۽ ٻين مريم جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ضياءُالحق جي دور ۾ سياسي مخالفن جي عورتن کي گرفتار ڪيو ويندو هو پر هاڻي اهو ڪم نيا پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو